شيڪسپيئر، وليم

شيڪسپيئر، وليم

شيڪسپيئر وليم

شيڪسپيئر، وليم(Shakespeare, William) : انگريزي ادب جي مشهور ڊرامه نويس، شاعر، اداڪار وليم شيڪسپيئر، 26 اپريل 1564ع تي اسٽئرٽ فورڊ اپان- ايوون (Startford-upon-avon)، وروڪشائر ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي والدين جو وڏو پٽ هو. سندس پيءُ ‘جان شيڪسپيئر’ اُن ۽ سُٽ مان ٺهيل شين جو واپاري هو. طويل عرصي کان قائم روايت موجب هر سال 23 اپريل تي ‘سينٽ جارج ڊَي’ جي موقعي تي شيڪسپيئر جو ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. شيڪسپيئر پنهنجي زندگيءَ جو ڪجھه حصو اسٽئرٽ فورڊ ۽ ڪجھه حصو لنڊن ۾ گذاريو. هن جو ننڍپڻ، تعليم ۽ پهرين شاديءَ وارو عرصو اسٽئرٽ فورڊ ۾ گذريو، جڏهن ته عملي زندگيءَ جي حوالي سان ٿيئٽر ۾ اداڪاري ۽ ڊرامي لکڻ جي شروعات لنڊن مان ڪيائين، جتي عالمي مقبوليت ۽ شهرت ماڻيائين. هن پنهنجي زندگيءَ جا تقريباً 25 سال ‘گريٽ ايڪٽنگ ڪمپني، لنڊن’ ۾ بطور مستقل ۽ مکيه ميمبر طور گذاريا.
هن پنهنجي ابتدائي تعليم ‘الزبيٿن گرامر اسڪول’ مان حاصل ڪئي. سندس لکڻين تي يوناني ۽ لاطيني شاعرن، ڊراما نويسن، فيلسوفن، عالمن ۽ مؤرخن جو تمام گھڻو اثر هو. هن جي شادي تقريباً 83-1582ع ڌاري 18 سالن جي عمر ۾26 سالن جي ايني هاٿوي (هاريءَ جي ڌيءَ) سان ٿي، جنهن مان کيس 1585ع ۾ هڪ نياڻي ‘سوزينا’ (Susanna) ٿي، ڪجھه عرصي کانپوءِ شيڪسپيئر جي گھر واري جاڙن ٻارن: هڪ ڌيءَ ‘جوڊٿ’ (Judith) ۽ پٽ ‘هيمنٽ’ (Hamnet) کي جنم ڏنو، جيڪو 11 سالن جي مختصر عمر ۾ ئي گذاري ويو. شاديءَ کانپوءِ ڪجھه عرصي تائين پاڻ پنهنجي پيءُ تي ئي انحصار ڪندو رهيو. آخرڪار جاڙن ٻارن جي پيدائش کان اڳ هن ٿيئٽر ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1583ع کان 1588ع تائين لنڊن ٿيئٽر ڪمپنيءَ طرفان بيشمار ڊراما اسٽيج ڪرڻ لاءِ اسٽئرٽ فورڊ (علائقو) موزون حيثيت رکندڙ هو، جتي ٿيئٽر جو سمورو عملو مختلف وقتن تي دورا ڪري پنهنجو ايڪٽ/ ڊرامو پرفارم ڪندو هو. شيڪسپيئر شروع ۾ اسٽيج تي ننڍا ننڍا ڪردا ادا ڪرڻ لڳو، پر پوءِ پاڻ به ڊراما لکڻ جو آغاز ڪيائين. هن پهريون ڊرامو 28 سالن جي ڄمار ۾ Loves’ Labour Lost نالي سان 1592ع ۾ لکيو. هن جيڪي ڊراما تحرير ڪيا، انهن ۾:
1. The Two Gentlemen Of Verona (1592)
2. The Comedy Of Errors (1592)
3. A Midsummer-Night’s Dream (1594)
4. The Merchant Of Venice (1594-95)
5. The Merry Wives Of Windsor (1599)
6. Much Ado About Nothing (1599-1600)
7. As You Like It (1600)
8. Twelfth-Night (1600)
9. The Winter’s Tale (1610-11)
10. The Tempest (1610-12)
ڊراما شامل آهن. اسٽيج تي انهن ڊرامن جي پيش ٿيڻ بعد شيڪسپيئر جي بطور ڊرامه نويس سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سندس ٻين لکيل ڊرامن ۾ هيٺيان شامل آهن:
1. Romeo And Juliet (1593)
2. Hamlet (1602-3)
3. Measure For Measure (1603)
4. All’s Well That Ends Well (1603)
5. Othello (1604)
6. King Lear (1605)
7. Macbeth (1606)
8. Troilus And Cressida (1608)
9. Tim on Of Athens (1606-8)
10. Antony And Cleopatra (1607-8)
11. Pericles (1608)
12. Cymbeline (1610)
انهن ڊرامن کيس غير معمولي مقبوليت ڏياري. منظوم ۽ نثري ڊرامن کان سواءِ شاعريءَ جي ڪتابن ۾ هيٺيان مشهور آهن:
1. Venus And Adonis (1593)
2. The Rape Of Lucrece (1594)
3. The Passionate Pilgrim (1599)
4. Sonnets (1609)
سندس تاريخي ڪردارن تي لکيل ڊرامن ۾ هيٺيان مشهور ٿيا:
1. Henry VI (1592)
2. Richard II (1592-4)
3. Richard III (1592-4)
4. King John (1595)
5. Henry IV (1597-8)
6. Henry V (1599)
7. ۡ King Lear (1605-6)
8. Henry VIII (1610-13)
مٿين سان گڏ حادثي ۽ بدلي تي مشتمل ڊرامو Titus Andronicus خاصا مقبول ٿيا ۽ ستن سالن جي طويل عرصي تائين اسٽيج تي پيش ٿيندا رهيا. جون 1592ع کان 1594ع دوران لنڊن ۾ پليگ جي بيماريءَ سبب ٿيٽر جي پروگرامن تي مڪمل بندش وڌي وئي. ان عرصي دوران شيڪسپيئر نثري نظم ‘Venus and Adonis’ لکيو، جيڪو 18 اپريل 1593ع تي ۽ ‘دي ريپ آف لوڪريس’ (The Rap of Lucrece)، 9 مئي 1594ع تي شايع ٿيا، جيڪي پڙهندڙن ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا. ساڳئي عرصي دوران هن 154 کان وڌيڪ سانيٽ (انگريزي شاعريءَ جي هڪ صنف) پڻ لکيا، جيڪي 1609ع کان پوءِ ڇپيا.
شيڪسپيئر جي ڊرامن جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان به ٿئي ٿو ته سندس ڊراما سال ۾ تقريباً ٽي ڀيرا ملڪه الزبٿ ۽ هڪ ڀيرو شاهي خاندان جي 13 فوجي دستن (Royal Commands) جي تفريح لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا. شيڪسپيئر جي ڊرامن جا موضوع، تاريخ، رومانيت، مزاح ۽ تجسس رهيا. 1607ع ڌاري شيڪسپيئر جي وڏي ڌيءَ ‘سوزينا’ جي شادي ماهر ڊاڪٽر جان هال سان ٿي. کين 1608ع ڌاري ڌيءَ (شيڪسپيئر جي ڏوهٽيءَ) ‘ايلزبيٿ’ جو جنم ٿيو، جنهن دوران ڊرامو ‘دي ٽيمپيسٽ’ لکي پورو ڪيائين ۽ ايڪٽنگ ڪمپنيءَ جون سموريون ذميواريون جان فليچر جي حوالي ڪري پاڻ اسٽئرٽ فورڊ روانو ٿيو. 1612ع ڌاري قانوني معاملا طئي ڪرڻ خاطر لنڊن آيو ۽ دستاويزي بنيادن تي ڪمپنيءَ کان عليحدگي اختيار ڪيائين. 1613ع ۾ جان فليچر جي گڏيل سهڪار سان آخري ڊرامو Henry VIII لکيو.
هن عالمي شهرت رکندڙ شاعر ۽ ڊرامه نويس جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي، 1623ع ڌاري سندس ياد ۾ ‘هولي ٽرنٽي چرچ’ ۾ هڪ يادگار تعمير ڪرايو ويو، سندس وفات جي ڪجھه مهينن بعد شيڪسپيئر جي ٻن دوستن ‘جان هيمنگ’ (John Hemminge) ۽ ‘هينري ڪونڊيل’ (Henry Condell) سندس ڪجھه ڊرامن کي سهيڙي ‘فرسٽ فوليو’ ۾ شايع ڪيو. برطانوي ڪلاسيڪي ادب جي هن سرجڻهار جي لکڻين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ سندس ڊرامن جي پلاٽن تي ڪيتريون ئي فلمون پڻ فلمبند ڪيون ويون، جن ۾ خاص ڪري بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن ڪرينا ڪپور، اجي ديوگن ۽ سيف علي خان جي اداڪاري تي مبني فلم ‘اومڪاره’ (Omkara) جي ڪهاڻي شيڪسپيئر جي ڊرامي ‘اٿيلو’ تان کنئي وئي آهي. ان کان سواءِ روميو جوليٽ ۽ ٻيا ڊراما، ناٽڪ منڊلين وسيلي پڻ پيش ٿيندا رهيا آهن. سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ انگريزي ادب ۽ انگريزي لازمي جي شاگردن کي شيڪسپيئر جي شاعري ۽ ڊراما نصاب طور پڙهايا ويندا آهن. تحقيقي ميدان ۾ عالمن طرفان شيڪسپيئر کي دنيا جي ٻين عظيم شاعرن سان ڀيٽي تحقيقي مقالا شايع ڪيا وڃن ٿا. شيڪسپيئر جو سرجيل ادب ڪلاسيڪل ادب جي حيثيت رکندڙ آهي، جيڪو صديون گذرڻ باوجود اڄ تائين زندهه ۽ جاويد آهي. شيڪسپيئر جي زندگي ۽ فن تي لکيل اهم ڪتابن ۾ اي. ڪي چيمبرز جو 1930ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب A Study of Facts and Problems، S Schoenbaum جو ڪتاب Shakespeare’s Lives (1938ع) ۽ اِي. ايم ٽليارڊ جو ڪتاب The Elizabethan World Picture (1943ع) شامل آهن. سنڌيءَ ۾ هند ۽ سنڌ جي اديب هولارام هنس جو شاهه عبداللطيف، ڪوي ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر تي لکيل ڪتاب ‘ٽي عظيم شاعر’ جو پهريون ڇاپو 1991ع ڌاري هندستان ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1996ع ڌاري حيدرآباد سنڌ مان ڇپيو. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ شيڪسپيئر جا ڪي مشهور ڊراما سنڌ جي نامياري اديب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ مختلف عنوانن سان ترجمو ڪيا، جن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) ڪنگ ليئر، شاهه ايليا نالي سان، (2) مرچنٽ آف وينس، حسنا دلدار جي نالي سان، (3) سيمبيلائن، شمشاد مرجانه جي نالي سان، (4) ٽو جينٽلمين آف ويرونا، عزيز شريف جي نالي سان، (5) هئمليٽ، ‘بهرام '>شهزادو بهرام ’ جي نالي سان ۽ (6) روميو جوليٽ ‘فيروز دل افروز’ وغيره، جن کي سنڌي ادب ۾ ڪافي شهرت ۽ اهميت حاصل آهي. 1960ع ۾ سراج الحق ميمڻ، شيڪسپيئر جي ڪن آکاڻين جو ترجمو ڪيو هو، جيڪي Tales from Shakespeare نالي ڪتاب مان ترجمو ڪيون ويون هيون.
موجوده وقت ۾ به شيڪسپيئر جون ڪيتريون ئي لکڻيون سنڌي، اردو سان گڏ ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿينديون رهن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1564.04.26  عيسوي

وليم شيڪسپيئر، 26 اپريل 1564ع تي اسٽئرٽ فورڊ اپان- ايوون (Startford-upon-avon)، وروڪشائر ۾ جنم ورتو.


1616.04.23  عيسوي

وليم شيڪسپيئر جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد سروري
ستار سروهي
صاحب راءِ آزاد
چوهڙ سنگهه رامداس سوامي
تاج ٽکڙائي
بهزاد لکنوي
امداد علي سولنگي
راشد مورائي
افتخار عارف
پارس رياض ملاح
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون